يروشيلم (ويب ڊيسڪ)اسرائيل ۾ عدالتي سڌارن جي تڪراري حڪومتي بل خلاف احتجاج شدت اختيار ڪري ويو آهي، تل ابيب ۾ هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا آهن، مظاهرين حڪومت کان تڪراري بل واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.رپورٽن مطابق احتجاج ۾ مخالف ڌر جون پارٽيون، اسرائيلي فوجي رضاڪار ۽ ايٽمي سائنسدان به شامل آهن.اسرائيلي پارليامينٽ 24 جولاءِ تي تڪراري عدالتي سڌارن واري بل جي منظوري ڏني هئي، جنهن خلاف اپيلن جي ٻڌڻي سيپٽمبر ۾ اسرائيلي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندي.تڪراري بل جي منظوري سان حڪومت جي غير معقول فيصلن کي رد ڪرڻ لاءِ عدليه جا اختيار ختم ٿي ويندا.










