غزهه (ويب ڊيسڪ)فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس چيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل قبضو ختم ڪري ٿو ته اهي پنهنجا هٿيار فلسطيني اختيارين جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهن.ترڪ ميڊيا موجب، حماس جي اڳواڻ خليل الحيا چيو آهي ته اسان جا هٿيار جارحيت سان ڳنڍيل آهن، ۽ جيڪڏهن اسرائيلي قبضو ختم ٿئي ٿو ته اهي هٿيار رياست جي حوالي ڪيا ويندا.هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي فوجن جي تعیناتي کي قبول ڪريون ٿا، جيڪي سرحدن کي هڪ علحدگي واري قوت جي طور تي نگراني ڪنديون ۽ غزه ۾ جنگ بندي جي تعميل کي يقيني بڻائينديون.حماس جي اڳواڻ خليل الحيا وڌيڪ چيو ته اسان غزه ۾ هن بين الاقوامي فوج جي تعیناتي کي رد ڪريون ٿا، جنهن جو مقصد اسان کي غير مسلح ڪرڻ آهي.ٻئي طرف، جنگ بندي جي باوجود، اسرائيلي فوج غزه تي بمباري جاري رکي ٿي، جنهن ۾ درجنين ماڻهو مارجي ويا آهن.










