اسرائيل جو غزه جي ناڪا بندي ختم ڪرڻ جو فيصلو

اسرائيل جو غزه جي ناڪا بندي ختم ڪرڻ جو فيصلو

غزهه (ويب ڊيسڪ)سخت بين الاقوامي تنقيد کان پوءِ اسرائيل غزه کي محدود امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ناڪي بندي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ اهو واضح ناهي ته غزه کي امداد ڪيئن پهچندي ۽ ڪڏهن امداد پهچائڻ شروع ٿيندي.مڪمل ناڪي بندي جي ڪري، اسرائيل کاڌي جو هڪ داڻو يا پاڻي جو هڪ ڦڙو به غزه ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو آهي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڪالهه صبح کان غزه تي ٿيندڙ وحشي اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 150 کان وڌي ويو آهي.غزه کان عرب ميڊيا موجب، غزه جي سيف زون ۾ المواسي ڪئمپ تي اسرائيلي حملي ۾ 36 فلسطيني شهيد ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو