اسرائيل جو  ايران جي ٽئين اسپتال تي بمباري، رهائشي عمارت تي حملو

اسرائيل جو ايران جي ٽئين اسپتال تي بمباري، رهائشي عمارت تي حملو

تھران (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي فوج ايران تي حملي ۾ هڪ هفتي ۾ ٽئين اسپتال تي وحشيانه بمباري ڪئي آهي، جڏهن ته اسرائيلي ڊرون راڄڌاني تهران ۾ هڪ رهائشي عمارت تي حملو ڪيو آهي. قطري نشرياتي اداري الجزيره موجب، ايران جي صحت واري وزارت جي سربراهه چيو ته اڄ اسرائيلي بمباري ۾ تهران ۾ هڪ ٻي اسپتال کي نشانو بڻايو ويو،،” وزارت جي عوامي رابطن جي سربراهه سرڪاري هلائيندڙ IRNA نيوز ايجنسي کي هڪ بيان ۾ چيو “هي ايران ۾ ٽيون اسپتال آهي جنهن تي حملو ڪيو ويو آهي. صهيوني دشمن ڇهن ايمبولينس ۽ هڪ جامع طبي مرڪز کي به وحشيانه طور تي نشانو بڻايو آهيهن وڌيڪ چيو ته “اسرائيل انهن 7 ڏينهن جي بزدلانه جارحيت ۾ 6 ڀيرا کان وڌيڪ بين الاقوامي ڪنوينشن جي خلاف ورزي ڪئي آهي.”الجزيره موجب، ايراني نيوز ايجنسي عصر ايران چيو ته تهران جي مرڪزي گيشا علائقي ۾ هڪ رهائشي عمارت ۾ هڪ اپارٽمينٽ تي ڊرون حملو ڪيو ويو. اختيارين اڃا تائين واقعي جي نوعيت، ممڪن جاني نقصان يا حملي جي ذميوارن بابت ڪو به سرڪاري بيان جاري نه ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو