تهران/ يروشلم(ويب ڊيسڪ)صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ايران 48 ڪلاڪن اندر هرمز لنگهه نه کوليو ته ايران جي بجلي گهرن تي حملا ڪنداسين. ايران جي مهر نيوز ايجنسي خاتم الانبياء مرڪزي هيڊڪوارٽر جي ترجمان جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران جي توانائي جي انفرا اسٽرڪچر تي حملا ڪيا ته ايران آمريڪا ۽ ان جي اتحادي عرب ملڪن سان لاڳاپيل سموري توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊي سيلي نيشن (پاڻي صاف ڪرڻ) جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻايو ويندو،” ايران جي ، مهر نيوز موجب آچر ڏينهن ٻڌايو ويو۔ ٽرمپ ڇنڇر ڏينهن آمريڪي وقت موجب شام 7:44 وڳي ٽروٿ سوشل تي اها پوسٽ ڪئي، جنهن مطابق سندس ڏنل وقت سومر تي شام 7:44 (ايراني وقت موجب اڱاري صبح 3:14) تي ختم ٿيندو.
جنگبندي لاءِ ترڪيه جو پرڏيهي وزير سرگرم
سفارتي ذريعن خابرو اداري رائٽرز کي ٻڌايو آهي ته ترڪي جي پرڏيهي وزيرهاڪن فدان Hakan Fidan ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ ختم ڪرڻ بابت قدمن تي ايران ۽ مصر جي هم منصبن سان گڏوگڏ آمريڪي عملدارن ۽ يورپي يونين سان به ڳالهيون ڪيون آهن۔ فدان الڳ الڳ ٽيليفون ڪالون ڪيون آهن، عراقي وزير خارجا، مصري هم منصب، يورپ جي فارين پاليسي چيف ۽ ڪجهه آمريڪي عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي پر ان جي نتيجن بابت ناهي ٻڌايو ويو.
اسرائيل لبنان جي قاسميه پل تباهه ڪري ڇڏي
لبنان جي قومي خبرن واري ايجنسي ٻڌايو آهي ته اسرائيل جي حملي ۾ ڏکڻ لبنان جي قاسميه پل کي نشانو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ان کان اڳ اسرائيلي فوج خبردار ڪيو هو ته هو پل تي حملو ڪندو۔ اسرائيلي براڊڪاسٽر ڪن جي شيئر ڪيل وڊيو ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته پل تي ۽ ان جي ويجهو هڪ ئي وقت ڪيترائي ڌماڪا ٿيا، ۽ دونهون مٿي اڀرندي نظر اچي رهيو آهي۔ هي پل ڏکڻ ۽ اتر لبنان کي ملائيندي آهي.
ايراني سفارتڪارن کي سعودي عرب ڇڏڻ جو حڪم، ايران جا عرب ملڪن تي حملا جاري
سعودي عرب ايران جي فوجي اتاشي، اسسٽنٽ فوجي اتاشي ۽ سفارتخاني جي 5 عملي جي ميمبرن کي 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، پرڏيهي وزارت آچر جي صبح ٻڌايو، جڏهن ته تهران پنهنجي خليجي پاڙيسرين تي حملا جاري رکيا۔ سعودي پرڏيهي وزارت چيو ته ايران جا جاري حملا بين الاقوامي معاهدن جي “کليل ڀڃڪڙي” آهن ۽ “اسلامي ڀائيچاري جي اصولن” جي ابتڙ آهن۔ هن وڌيڪ واڌاري کان به خبردار ڪيو. سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جي نوٽيس جي ڪجهه ڪلاڪن بعد ايران سعودي عرب تي 3 ميزائيل فائر ڪيا جن کي سعودي دفاعي نظام تباهه فضا ۾ ئي ڪري ڇڏيو. اعلان کان ڪجھ ڪلاڪن پوءِ سعودي دفاعي وزارت چيو ته هن رياض گادي واري شهر ڏانهن فائر ڪيل ٽي بيلسٽڪ ميزائل سڃاتا۔
هتي خليج مان تازيون خبرون:
يو اي اي: دفاعي وزارت چيو ته هن آچر جي صبح ايران طرفان ڪيل حملن جو جواب ڏنو۔ گذريل ڏينهن دوران فضائي دفاع گهٽ ۾ گهٽ اٺ بنا پائلٽ جهاز (UAVs) ۽ ٽي بيلسٽڪ ميزائل به روڪي ڪيرايا۔
ڪويت: سرڪاري نيوز ايجنسي ڇنڇر رات ٻڌايو ته دفاعي وزارت جي حوالي سان 24 ڪلاڪن دوران فضائي دفاع نَو بيلسٽڪ ميزائل ڪيرائي ڇڏيا۔
بحرين: دفاعي فورس آچر جي صبح چيو ته گذريل ڏينهن دوران ٻن ڊرونز کي ڪيرائي ڇڏيو ويو۔
اسرائيل تي ايران جا حملا 6 فوت 180 کاان مٿي زخمي
اسرائيل جي ڏاکڻي شهرن ديمونا ۽ عراد تي ايران جي خوفناڪ حملن کان پوءِ اسرائيل سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارن ۾ موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔ اسرائيلي وزارت تعليم اعلان ڪيو آهي ته آچر ۽ سومر جي ڏينهن ڪو به ماڻهو جسماني طور ڪنهن به تعليمي اداري ۾ نه وڃي۔ واضح رهي ته ايراني ميزائل حملن ڏکڻ اسرائيلي شهر ديمونا ۽ عراد ۾ وڏي تباهي مچائي ڇڏي، ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿي ويون، 6 ماڻهو مارجي ويا ۽ 180 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا۔ ڇنڇر تي ايران نطنز ۾ پنهنجي جوهري تنصيبات تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن جي جواب ۾ اسرائيلي ايٽمي مرڪز ديمونا تي لڳاتار 2 حملا ڪيا، جنهن ۾ 88 ماڻهو زخمي ٿيا۔ ان کان علاوه ڏکڻ اسرائيل جي شهر عراد تي به ايراني ميزائلن جي برسات ٿي. اسرائيلي ميڊيا عراد تي ايراني حملي ۾ 6 اسرائيلي شهرين جي موت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمين جي تصديق ڪري ڇڏي آهي۔
مرڪزي ۽ اتر اسرائيل ۾ هوائي حملي جا سائرن وڄڻ لڳا
اسرائيل جي چينل 12 موجب، ايران طرفان ميزائل حملي مرڪزي اسرائيل ۾ الرٽ جاري ڪيا، جڏهن ته لبنان طرفان راڪيٽن جي فائرنگ سبب ملڪ جي اترين حصي ۾ به سائرن وڄائي ڇڏيا۔ اسرائيلي ايمبولينس سروس جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته مرڪزي اسرائيل ۾ ڪنهن جاني نقصان جون رپورٽون ناهن مليون، جڏهن ته اتر ۾ هڪ ماڻهو زخمي ٿيو آهي۔ اسان کي وڌيڪ معلومات ملندي ته توهان تائين پهچائينداسين۔
ايران ۾ انٽرنيٽ جي بندش چوٿين هفتي ۾ داخل
ايران ۾ انٽرنيٽ بندش هاڻي چوٿين هفتي ۾ داخل ٿي وئي آهي، جيڪا 500 ڪلاڪن کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي، جڏهن ته اختيارين آمريڪا ۽ اسرائيل سان جاري جنگ دوران لڳ ڀڳ مڪمل بندش برقرار رکي آهي۔ سائبر نگراني ڪندڙ اداري نيٽ بلاڪس موجب، بين الاقوامي ڪنيڪٽيوٽي ڪٽي وئي آهي ۽ ملڪي سروس کي سخت حد تائين محدود ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حڪومت سيٽلائيٽ ڪنيڪشن ۽ VPNs خلاف ڪارروائي ڪندي تقريباً سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا آهن۔ اداري مطالبو ڪيو ته بندش ختم ڪئي وڃي، چيو ويو ته: “بين الاقوامي ڪنيڪٽيوٽي بند ۽ ملڪي سروس محدود هجڻ سبب ڪيترائي خاندان پنهنجن پيارن سان رابطو ڪرڻ کان قاصر آهن، جڏهن ته انهن کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت هوندي آهي.” رهواسين الجزيره کي ٻڌايو ته انهن کي ٻاهرين دنيا سان رابطو ڪرڻ ۾ “سخت مشڪلات” پيش اچي رهي آهي، ۽ جيئن ته جنگ ختم ٿيڻ جا ڪي به آثار نظر نٿا اچن، تنهن ڪري انٽرنيٽ بحالي جو ڪو واضح وقت به سامهون ناهي۔
ايران پاران دشمن جا 127 ڊرونز ڪيرائڻ جي دعويٰ
ايراني فوج اعلان ڪيو آهي ته هن تهران جي آسمانن ۾ هڪ آمريڪي-اسرائيلي هٿياربند ڊرون کي روڪي ڪيرائي ڇڏيو، ان کان اڳ جو اهو ڪا به جنگي ڪارروائي ڪري سگهي ها، الجزيره رپورٽ تسنيم نيوز ايجنسي جي حوالي سان رپورٽ ڪيو آهي. فوج موجب چيو ويو آهي ته: “تازو مڙهيل جنگ جي شروعات کان وٺي دشمن جا مختلف قسمن جا 127 جديد ڊرون ملڪ جي فضائي دفاع طرفان نشانو بڻائي تباهه ڪيا ويا آهن.










