تهران (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ايران خلاف جنگ ‘ڪجهه ڏينهن’ ۾ ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ۽ اسرائيل جلد ئي ايران تي حملو ڪرڻ بند ڪندو.اسرائيلي ميڊيا رپورٽ ڪئي آهي ته انتهائي معتبر سيڪيورٽي عملدارن تسليم ڪيو آهي ته اسرائيل ايراني حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.اسرائيلي عملدارن موجب، اسرائيل ايران جي موجوده حڪومت کي تبديل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، پر اسرائيل ايران جي ايٽمي پروگرام کي نشانو بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.اسرائيلي دفاعي مبصرن موجب، اسرائيل ايران خلاف جنگ ‘ڪجهه ڏينهن’ ۾ ختم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، ۽ اهو به دعويٰ ڪيو ويو آهي ته ايراني اپوزيشن کي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي کي هٽائڻ لاءِ مدد ڪئي ويندي.اسرائيلي فوج ايران خلاف اسرائيلي حملي جي خاتمي تي محتاط رد عمل ظاهر ڪيو، ۽ اسرائيلي فوجي ترجمان ايران خلاف جنگ جي خاتمي کي نه ‘ها’ چيو ۽ نه ئي ‘انڪار’ ڪيو.










