اسرائيلي فوج جي حملي ۾ 9 ٻارن سميت 15 ڄڻا شهيد

اسرائيلي فوج جي حملي ۾ 9 ٻارن سميت 15 ڄڻا شهيد

غزه )ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج گودام ۾ پناهه وٺندڙ فلسطيني خاندان تي حملو ڪري 9 ٻارن سميت 15 ڄڻا شهيد ڪري ڇڏيا.عرب ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج رات دير سان وچ غزا جي علائقي الزويده ۾ هڪ گودام تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا شهيد ٿي ويا. جن مان 15 جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي جڏهن ته شهيدن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن.عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ جباليا پناهگيرن جي ڪيمپ، ديرالبلاح، خان يونس ۽ ڪيترائي فلسطيني شهيد ۽ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته اسرائيلي فوج ويسٽ بئنڪ جي شهر جنين ۾ به هڪ ڪار تي حملو ڪيو. ڊرون حملي ۾ فلسطيني نوجوان شهيد ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو