اسرائيلي فوج جا اتر غزه ۾ حملا وڌي ويا،ڪيترائي فلسطيني شهيد

اسرائيلي فوج جا اتر غزه ۾ حملا وڌي ويا،ڪيترائي فلسطيني شهيد

غزهه (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي فوج اتر غزه ۾ پنهنجا حملا وڌائي ڇڏيا ۽ ٻين علائقن تي بمباري ڪئي، جنهن ۾ 90 کان وڌيڪ فلسطيني مارجي ويا. غزه جي صحت واري وزارت موجب، اربع ڏينهن اتر غزه ۾ اسرائيلي فوج جي حملن ۾ هاڻي تائين 90 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ٻين علائقن تي به بمباري ڪئي وئي آهي. امداد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ شهيدن ۾ ڪل 37 فلسطيني پڻ شامل هئا. غزه ۾ به ڏڪار جي صورتحال جاري آهي، اٺ وڌيڪ فلسطيني بک وگهي فوت ٿي ويا آهن، جنهن سان اسرائيل پاران لاڳو ڪيل ڏڪار ۾ فوتين جو انگ 235 ٿي ويو آهي. ٻئي طرف، يورپي ملڪن غزه ۾ وڌندڙ قحط تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ اسرائيل کان امداد جي محفوظ ترسيل کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نيوزي لينڊ غزه جي امداد جي بندش ۽ فلسطينين جي جبري بي دخلي کي شرمناڪ قرار ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو