دوحا (ويب ڊيسڪ)قطري وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني اڄ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪندو ۽ غزه جنگ بندي معاهدي ۽ يرغمالين جي آزادي تي بحث ڪندو، جنهن ۾ اسرائيلي حملي جي مذمت به شامل آهي.هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب، قطري وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري شخصيتن سان ملاقات ڪندو.قطري وزيراعظم جي نائب صدر جي ڊي وينس، سيڪريٽري آف اسٽيٽ مارڪو روبيو ۽ خاص نمائندي اسٽيو وِٽڪوف سان به ملاقات جو امڪان آهي.نيوز ايجنسي موجب، قطري وزيراعظم ۽ آمريڪي صدر جي وچ ۾ ملاقات ۾ 9 سيپٽمبر تي دوحا ۾ اسرائيلي حملي ۽ يرغمالين جي آزادي جي معاهدي جي موجوده صورتحال تي بحث ڪيو ويندو.










