اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جي 10 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي. صوابي ۾ داخل اينٽي ڪرپشن ڪيس ۾ اسد قيصر جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري اسد قيصر جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسد قيصر کي 10 ڏينهن ۾ لاڳاپيل عدالت سان رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.عدالت اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر کي 50 هزار رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ ۽ ڪيس جي جاچ ڪري لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي.عدالت اينٽي ڪرپشن کاتي کي اسد قيصر کي 10 ڏينهن لاءِ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.جسٽس طارق محمود جهانگيري، اسد قيصر جي وڪيل کي چيو ته جيڪڏهن توهان جمعي تي نه هئاسين ته پوءِ درخواستگذار کي اچڻ گهرجي ها.وڪيل شرافضل مروت چيو ته معاون وڪيل آيو هو پر هو عدالت کي بهتر انداز ۾ آگاهه نه ڪري سگهيو.










