اسد قيصر جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم

اسد قيصر جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم

پشاور )ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.جسٽس شڪيل احمد ۽ جسٽس صاحبزاده اسدالله اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت 23 جون 2023ع تي اسد قيصر جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي حڪم کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو.اسد قيصر جي وڪيل معظم بٽ ايڊووڪيٽ چيو ته اسد قيصر قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر آهي، هو عمري تي وڃي رهيو هو ته روڪيو ويو.جسٽس صاحبزاده اسدالله پڇاڻو ڪيو ته منهنجو نالو اي سي ايل ۾ ڪڏهن شامل ڪيو ويو؟وڪيل چيو ته سندس نالو 23 جون تي اي سي ايل ۾ وڌو ويو هو.جسٽس شڪيل احمد پڇاڻو ڪيو ته هو هاڻي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو آهي؟ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته هو قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ سينيئر سياستدان آهي. عدالت اسد قيصر جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم غير قانوني قرار ڏيندي سندس نالو فوري طور اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو