اسحاق ڊار وزيراعظم سان گڏ 5 سالن کانپوءِ اڄ پاڪستان پهچندو

اسحاق ڊار وزيراعظم سان گڏ 5 سالن کانپوءِ اڄ پاڪستان پهچندو

اسلام آباد(بيورو)مسلم ليگ ن جو اڳواڻ اسحاق ڊار 5 سالن کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ اڄ پاڪستان پهچندو.ناڻي واري وزير اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن سينيٽ جي ميمبر طور حلف کڻندو.ٻئي طرف ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل پنهنجي استعيفيٰ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي.مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نواز شريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف اسحاق ڊار کي ناڻي وارو وزير نامزد ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو