اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي احتساب عدالت اثاثن واري ريفرنس جي ٻڌڻي دوران ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.اسلام آباد جي احتساب عدالت جي ڊيوٽي جج محمد اعظم خان نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.ريفرنس جي ٻڌڻي ڊيوٽي جج اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير موڪل تي ڪئي.ٻڌڻي دوران اسحاق ڊار جو وڪيل قاضي مصباح، نيب پراسيڪيوٽر افضل قريشي ۽ حافظ اسد الله اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيا.قاضي مصباح ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته اسحاق ڊار آءِ ايم ايف جي وفد سان ملاقات لاءِ واشنگٽن ويو آهي.ان سان گڏ اسحاق ڊار جي اڄ عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست به جمع ڪرائي ڇڏي.اسحاق ڊار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا هئا، انهن جي به تصديق ٿي چڪي آهي.عدالت اسحاق ڊار جا ضمانتي مچلڪا منظور ڪري ورتا.اسلام آباد جي احتساب عدالت اسحاق ڊار جي حاضري کان عارضي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 9 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










