اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڪستان جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊاراڱاري تي چين جي دوري تي ويندو. ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ روڪرائڻ لاءِ پاڪستان چين سان تفصيلي طور معاملا طئي ڪندو. هو ترڪيه، مصر ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزيرن سان مشاورت بعد بيجنگ جو دورو ڪري رهيو آهي. ذريعن سنڌيار کي ٻڌايو ته بلاول ڀٽو زرداري، محسن نقوي ۽ قومي سلامتي بابت مشير ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ به اسحاق ڊار سان گڏ بيجنگ ويندا. ذريعن موجب ٽنهي عرب ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان مشاورت بعد ڊار ايراني هم منصب سان به ڳالهايو هو، ايران چين ۽ روس کي پروسس جو حصو بنائڻ چاهي ٿو ۽ گڏيل قومن جي پليٽ فارم تان گارنٽي جو خواهشمند آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 14 اپريل تي چين پهچي رهيو آهي ۽ آمريڪا ۽ چين جي خواهش آهي ته جنگ بندي جو اعلان ان کان اڳ ٿيڻ گهرجي. چين جو صدر شي جن پنگ صدر ٽرمپ سان ان معاملي تي ڳالهائيندو ۽ ان کان اڳ سفارتي طور معاملا طئي ڪيا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته سڀ عرب ملڪ ۽ ترڪي جلد جنگبندي تي متفق آهن ۽ پاڪستان جو ليڊ رول تسليم ڪن ٿا. ذريعن جو چوڻ آهي ته سڀني جي گڏيل راءِ آهي ته جنگبندي لاءِ گڏيل قومن جو فريم ورڪ کي اڳيان آندو وڃي ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان يورپي يونين ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان به مشاورت ڪئي آهي.










