استعيفيٰ بعد ڪاروائي ڪرڻ غير قانوني آهي، مظاهر نقوي

استعيفيٰ بعد ڪاروائي ڪرڻ غير قانوني آهي، مظاهر نقوي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج مظهر علي اڪبر نقوي چيو آهي ته سندس استعيفيٰ کانپوءِ سپريم جوڊيشل ڪائونسل وٽ سندس خلاف ” ڪارروائي جاري رکڻ جو اختيار يا جواز ناهي“. جمعي تي هن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين ججن کي موڪليل خط ۾ اهو اعتراض اٿاريو آهي. جسٽس نقوي خلاف مس ڪانڊڪٽ يعني بدانتظامي جي الزامن تي انڪوائري هلي پئي، جنهن لاءِ کيس شوڪاز نوٽيس گذريل سال آڪٽوبر ۾ جاري ڪيو ويو هو. ڊسمبر ۾ هن استعيفا ڏني هئي جيڪا صدر قبول ڪري ڇڏي هئي. هن ڪاروائي روڪن جي درخواست به ڪئي هئي جيڪا عدالت رد ڪري چڪي آهي. رٽائرڊ يا مستعفي ٿيل جج خلاف ڪاروائي نه ڪرڻ بابت وفاقي حڪومت عدالت ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل ڪئي آهي جيڪا ٻڌڻي هيٺ آهي. 2023 ۾ سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته رٽائرڊ يا مستعفي ٿيل جج خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ڪاروائي نٿي ڪري سگهجي. سپريم جديشل ڪائونسل جسٽس نقوي خلاف 7 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا آهن. جن ۾ هڪ شاهد چيو هو ته جسٽس نقوي جي پلاٽ خريدڻ لاءِ هڪ هائوسنگ اسڪيم عسڪري بئنڪ مان 5 ڪروڙ ماليت جا ٻه چيڪ جاري ڪيا هئا. وڪرو ڪندڙ چيو ته پلاٽ جسٽس نقوي ٿو خريد ڪري ۽ ادائگي هڪ ڪمپني ٿي ڪري؟ جنهن تي جسٽس نقوي چيو هو ته اهو سندن جو ذاتي مسئلو آهي. جسٽس نقوي جي وڪالت خواجا حارث ڪري رهيو هو جنهن وڌيڪ ڪاروائي ۾ اهو چئي شرڪت کان انڪار ڪيو آهي ته سندس وڪالت نامون جسٽس نقوي جي جج طور هو، هاڻي هن استعيفا ڏني آهي ان ڪري هو سندس وڪالت نه ڪندو

پهنجو تبصرو موڪليو