استحڪام پاڪستان پارٽي سان ملڪي سياست تي ڪو به اثر نه پوندو

استحڪام پاڪستان پارٽي سان ملڪي سياست تي ڪو به اثر نه پوندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته استحڪام پاڪستان پارٽي سان ملڪي سياست تي اثر نه پوندو.ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن ملڪي سياست تي استحڪام پارٽيءَ جو اثر پوندو ته ان جو منفي اثر پوندو.هن چيو ته عوام اليڪشن واري ڏينهن حڪومتي ڪارڪردگي ٻڌائيندو، پاڪستان جي بجيٽ ڪير به ٺاهي سگهي ٿو، پئسا قرض وٺي بجيٽ ٺاهي. ان کان اڳ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته 4 سالن کان عدالت ۾ اچي رهيو آهيان، ڪيس اڃا تائين نه هليو آهي، جيڪڏهن توهان مون تي الزام لڳايو آهي ته پوءِ ڪيس کي اڳتي وڌايو.شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته منهنجي خلاف ثبوت ناهن ته نيب کي معافي وٺڻ گهرجي، حڪومت نيب جو ادارو ختم ڪري، جيڪڏهن نيب جهڙو ادارو هوندو ته ملڪ ترقي نه ڪندو.ان کان اڳ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته 4 سالن کان عدالت ۾ اچي رهيو آهيان، ڪيس اڃا تائين نه هليو آهي، جيڪڏهن توهان مون تي الزام لڳايو آهي ته پوءِ ڪيس کي اڳتي وڌايو. شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته منهنجي خلاف ثبوت ناهن ته نيب کي معافي وٺڻ گهرجي، حڪومت نيب جو ادارو ختم ڪري، جيڪڏهن نيب جهڙو ادارو هوندو ته ملڪ ترقي نه ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو