استاد غلام مرتضيٰ لغاري بازياب نه ٿيو،وارثن جو احتجاج

استاد غلام مرتضيٰ لغاري بازياب نه ٿيو،وارثن جو احتجاج

نوشھرو فيروز (ن س)نوشھرو فيروز جي شھر گچيرو روڊ جي رھواسي استاد غلام مرتضيٰ لغاري جي بازيابي لاءِ 19 ڏينھن تي بہ گچيرو روڊ مورو کان سندس وارث عورتن، مردن معصوم ٻارڙن، سياسي سماجي تنظيمن، اسڪول جي شاگردن، استادن ۽ مورو شھري امن ڪاميٽي پاران ريلي ڪڍي مورو پريس ڪلب اڳيان علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، جنھن جي اڳواڻي نوجوان استاد جو پيءُ غلام رضا لغاري، امڙ غلام فاطمہ، گهر واري فريده لغاري، ڀيڻ سنڌو، لاڏلي نرجس، ڪونج، شھري ڪاميٽي جي خادم حسين کوسو، برڪت علي چنا، عزيز چانڊيو، بدرالدين ميمڻ، ظھور کوسو، الھداد لنڊ، وڪيل قادر خان ڪورائي، مشتاق سولنگي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا ان موقعي تي ھنن جو چوڻ ھو تہ نوجوان غلام مرتضي لغاريءَ استاد ۽ ليکڪ آھي جنھن جو ڪنھن تنظيم سان ڪو واسطو ناهي ان کي ظاھر ڪري آزاد ڪيو وڃي، جيڪڏھن ان تي ڪيس آھي تہ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، سندس وارث سياسي سماجي ڌريون گذريل 19 ڏينھن کان مسلسل احتجاج ڪري رھيون آھن پر استاد جو ڪو پتو ناھي پئجي سگھيو ۽ واٽ پنھنجي لکت جگر نوجوان استاد غلام مرتضيٰ لغاري جي لاءِ پريشان آھن جيڪي وس وارن ادارن کي دانھون اپيلون ڪري رھيا آھيون پر ڪو بہ ادارو ھن وقت تائين انھن جون دانھون ٻڌڻ وارو ناھي نه استاد کي ظاھر ڪيو پيو وڃي، جيستائين استاد جي ايم لغاريءَ کي ظاھر يا آزاد نہ ڪيو ويندو تيستائين اسان جو احتجاج جاري رھندو، ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف آف آرمي اسٽاف، انساني حقن وارين تنظيمن سميت وس وارن عملدارن کان مطالبو ڪيو تہ نوجوان استاد ليکڪ کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو