سجاول ( ڊ ر )پ ٽ الف اڳواڻ استاد عبدالستار جمالي جي قتل ۾ ملوث 5 جوابدرن مان هڪ کي ماڊل ڪورٽ ٺٽو عمر قيد جي سزا ڏيندي 4 ٻين جوابدارن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، 4سال اڳ چوهڙ جمالي جي پ ٽ الف اڳواڻ عبدالستار جمالي کي ميران قبرستان وٽ پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو ويو هو. جنهن جي ايف آر سندس ڀاءُ شوڪت جمالي جي فرياد تي 5 ماڻھن جي خلاف چوهڙ جمالي ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي هئي. جنهن کي چارسال ٽي مهينا گذرڻ بعد ماڊل ڪورٽ ٺٽو جي عدالت فيصلو ٻڌايو. عدالتي فيصلي ۾ مک جوابدار عرس چانگ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي. جڏھن ته الزام هيٺ آيل چئن ڄڻن اسلم چانگ، حنيف چانگ، علي چانگ ۽ محمد چانگ کي باعزت بري ڪري ڇڏيو آھي..










