استادن مٿان تشدد ۽ گرفتارين خلاف سنڌ اندر احتجاجي مظاهرا

استادن مٿان تشدد ۽ گرفتارين خلاف سنڌ اندر احتجاجي مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچيءَ ۾ استادن جي پرامن احتجاج مٿان تشدد ۽ گرفتارين خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پ ٽ الف، گسٽا ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ چوهڙ جمالي کان ناشاد ملاح مطابق ڪراچي ۾ استادن تي ٿيل تشدد ۽ ڪيس داخل ڪرڻ سميت استادن جي گرفتاري خلاف پ ٽ الف تعلقي شاهبندر پاران ڪئمپس پرائمري اسڪول چوهڙ جمالي جي استادن پاران اياز آخوند، ممتاز ساقي، ايوب کٽي، محمد سومار ڪيهر، غفور ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پرائمري اسڪول کان ٽي اي او آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي استادن چيو ته ڪراچي ۾ استادن جي پرامن احتجاج تي لٺين جو وسڪارو ڪري استادن تي تشدد ڪري انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويو آھي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. *** ڳڙهي ياسين مان شفيق مهر مطابق پ ٽ الف جي اڳوڻي تعلقه صدر يار محمد بروھي ۽ عمران جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ سوين استادن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي آغا صدرالدين خان دراني مين پرائمري اسڪول کان احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا شھر جي مختلف ھنڌن کان ٿيندي ڳڙھي ياسين پريس ڪلب پھچي پريس ڪلب ٻاھران شڪارپور لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا.

ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته ڪراچي ۾ استادن مٿان ٿيل وحشياڻي تشدد مان سنڌ حڪومت جي نا اهلي ظاھر ٿئي ٿي استاد پنھنجي جائز حقن لاءِ جدوجھد ڪري رھيا آھن گذريل 8 سالن کان استادن کي پڪو ڪرڻ جا رڳو آسرا ڏنا پيا وڃن پر ھن وقت تائين استادن کي پڪو نٿو ڪيو وڃي ويتر استادن مٿان تشدد ڪري استاد جي مقدس پيشي جي تذليل ڪئي پئي وڃي. *** مورو مان اياز سولنگي مطابق  پ ٽ الف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي ۾ ڪيل احتجاجي مظاهري تي پوليس طرفان ڪيل تشدد ۽ گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف مورو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ استادن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا هن احتجاج جي اڳواڻي سيد نظير علي شاھ، جاويد علي ٻگهيو، محمود اعواڻ، ممتاز علي مهر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ استادن جي پر امن احتجاج تي سنڌ حڪومتي آشيرواد سان پوليس استادن تي ڪڙڪي پئي تشدد ڪري گرفتاريون ڪيون ويون جيڪو عمل برداشت نه ڪيو ويندو هنن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۽ اقرا يونيورسٽي ۾ ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن کي پڪو نه ٿو ڪيو وڃي وڏي عرصي کان هو پابندي سان ڊيوٽيون ڪندا اچن پيا انهن کي پڪو ڪرائڻ لاءِ ڪراچي ۾ استادن جي ٿيل احتجاج تي اهڙو عمل ڪري حڪمرانن استادن جي توهين ڪئي آهي. *** تلهار مان عاجز انور لاشاري مطابق استادن جي پرامن احتجاج مٿان پوليس جي لاٺي چارج ۽ ڪيترن ئي استادن مٿان ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪرڻ خلاف پ ٽ الف اڳواڻ محمد بخش لغاري صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ھر سال جيان ھن سال به ڪراچي ۾ استادن کي تذليل ڪري مٿان تشدد ڪيو ويو آھي جڏھن اسان جو پ ٽ الف جو مرڪزي صدر انتظار ڇلگري به تشدد جو نشانو بڻيو ۽ کيس سوين استادن سميت گرفتار ڪري مٿان ڪوڙا ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا استادن سان ناروا سلوڪ ۽ تذليل ڪرائڻ ۾ سنڌ سرڪار جو ئي ھٿ آھي ڇو جو اڄ تائين سنڌ يونيورسٽي اقرا ۽ اين ٽي ايس پاس استادن کي ريگيولر آرڊر ئي ناھن مليا جنھن جي لاءِ ڪافي سالن کان استادن جون تنظيمون سرگرم آھن ڪراچي ۾ پرامن احتجاج دوران استادن مٿان تشدد ۽ گرفتاريون ناقابل برداشت جوڳو عمل آھي.

*** مانجهند مان مهراڻ عمراڻي مطابق پ ٽ الف، گسٽا ۽ مختلف سماجي ڌرين  طرفان ڪراچي ۾ استادن تي وحشاڻي تشدد خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي مين پرائمري اسڪول مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي گسٽا اڳواڻ عبدالرشيد لاکو، پ ٽ الف جي محمد جمن عمراڻي، برڪت ملاح، شوڪت ملاح، سليم ميمڻ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۽ اين ٽي ايس اقرا  ٽيسٽ پاس استادن کي پڪو ڪرڻ لاءِ  ڪراچي ۾ احتجاج ڪرڻ تي پوليس وحشاڻو تشدد جو نشانو بڻايو جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا هنن مطالبو ڪيو ته ميرٽ تي ڀرتي ٿيل استادن کي ريگيولر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. *** ٺل مان عبدالنبي شيخ مطابق استادن پاران ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙن مٿان تشدد ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. صحافين سان ڳالهائيندي استادن ٻڌايو ته 2010 سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن کي هن وقت تائين پڪو ناهي ڪيو ويو،جنهن خلاف استاد برادري ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پهتا ته سندن مٿان شديد تشدد ڪيو ويو آهي جيڪا شرم جهڙي ڳالھ آهي.جيسيتائين سنڌ يونورسٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن جا ڪنفرميشن ليٽر جاري نه ڪيا ويندا تيسيتائين اسان جو احتجاج جاري رهندو. *** ڳڙهي خيرو مان جاويد لغاري مطابق استادن تي تشدد ۽ ڪيس داخل ٿيڻ خلاف پ ٽ الف اڳواڻ استاد ارشاد علي بروھي، بھرام خان لھر، اڪبر علي ڀٽي، دين محمد لاشاري، عبدالرسول بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ حڪومت خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سنڌ سرڪار خلاف اڀ ڏاريندڙ  سخت نعرا ھنيا ويا.

ان موقعي تي استاد اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته استاد ھڪ پيشوا پيشو آهي جنهن تي تشدد ڪرڻ ھڪ قابل مذمت عمل آهي جنهن جي اسان سخت لفظن سان مذمت ڪيون ٿا. *** غوثپور مان عبدالنبي ملڪ مطابق مختلف استاد تنظيمن جي اڳواڻن ۽ استادن شنيل ڪمار، استاد مير حسن ڀيو، غلام عباس بجاراڻي، ديوان لعل، پرويز نصيراڻي، منير احمد شاھ ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڪراچي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي استادن ھٿڻ ۾ پلي ڪارڊ کڻي پوليس خلاف سخت احتجاج ڪيو۔ان موقعي تي مظاهرين استادن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته ڪراچي ۾ استادن  پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ پرامن احتجاج ڪيو ته انھن تي لٺ بازي ڪئي ويئي ۽ ناحق گرفتار ڪري مٿن تشدد به ڪيو ويو اسان اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. *** مٺي مان لياقت نهڙيو مطابق ڪراچي ۾ استادن تي ٿيل وحشياڻي تشدد جي خلاف سڀ استادن هڪ ٿي مين اسڪول مٺي کان ڪشمير چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن ۾ گسٽا، آءِ بي پاس هيدماسترن سميت پ ٽ الف جي استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ميرٽ تي آيل استادن کي پڪو ڪرڻ، گرفتار استادن کي فوري آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. *** دڙو مان امداد ميمڻ مطابق پ ٽ الف استادن طرفان ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪيل احتجاج دوُران پوليس جي وحشياڻي تشدد, گرفتارين ۽ داخل ڪيل ڪيسن خلاف پ ٽ الف تعلقي ميرپوربٺورو جي صدر ربڏنو ڪنڀار، غلام عباس پليجو، ابل جاني، رزاق لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين استادن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پرائمري اسڪول ون کان پريس ڪلب تائين احتجاج مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو.ان موقعي تي استاد اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ پرامن احتجاج ڪندڙ استادن تي پوليس ھٿان بدترين تشدد ۽ کين گرفتار ڪرائي مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آھن. ھنن چيو ته سنڌ ۾ استادن جي شديد کوٽ آھي ۽ حڪومت سنڌ يونيورسٽي، اين ٽي ايس ۽ اقرار يونيورسٽي جي ڪميشن ذريعي ڀرتي ٿيل استادن کي پڪو ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. *** قاضي احمد مان جاويد جتوئي مطابق پ ٽ الف قاضي احمد پاران ڪراچي ۾ ٿيل استادن مٿان لاٺي چارج، تشدد ڪرڻ ۽ مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ريلي ڪڍي وئي.

ريلي کي خطاب ڪندي علي اصغر ڏاھري، عبدالحميد ڪلھوڙو، شفع محمد کوسو، غلام شبير ڪٻر، زين ڪلوئي، ڌڻي بخش مھر۽ ٻين چيو ته جائز حق گھرڻ تان پيغمبري پيشي مٿان وحشياڻو تشدد ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آھي. ھنن چتاءُ ڏنو ته استادن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن. *** لکي غلام شاهه مان نثار منگي مطابق ڪراچي ۾ استادن جي مطالبن جي مڃتا لاءِ نڪتل پرامن احتجاجي ريلي ۾ شريڪ استادن تي پوليس جي وحشياڻي تشدد، گرفتاري، پڪو نه ڪرڻ خلاف استاد محمد قاسم مهر، امان الله مهر، اياز احمد مهر، جيئند مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته استاد معاشري جو ذميوارفرد هوندو آهي ۽ استاد مستقبل جي معمار آهي،پر افسوس جو سنڌ حڪومت استادن سان هميشه ناانصافي ڪري انهن جا حق ماريا آهن. حق گهرڻ تي سنڌ حڪومت استادن تي وحشياڻو تشدد ڪري انهن مٿان ڪيس داخل ڪري پنهنجو مڪروھ چهرو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. *** نئون ڪوٽ مان پيار علي نهڙيو مطابق استادن جي پر امن احتجاج  تي پوليس پاران لٺ بازي ۽ استادن تي ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف استاد اتحاد جي مختلف تنظيمن جي اڳوڻن استادن مصطفيٰ خاصخيلي، لياقت نهڙي، عيسي نهڙي،  موسي احمداڻي، لطيف چانڊيو، رزاق خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس ڪري استاد مقرر ٿيا آهيون مسلسل ڏهن سالن کان پنهنجي پيشي سان سچا رهي ڊيوٽي ڏيئي رهيا آهيون پر ڏهه سال گذرڻ بعد اسان کي اڃان تائين ريگيولر نه ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ اسيمبلي مان اسان جي حق ۾ بل به پاس ڪيو ويو آهي خبر ناهي ته ڪهڙا هٿ اسان جي جائز مطالبن ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. *** ڪشمور مان اصغر علي چانڊيو مطابق پ ٽ الف استاد اڳواڻن پاران ڪراچي ۾ استادن مٿان ٿيل پوليس جي وحشياڻي تشدد خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي جي اڳواڻي استاد لکمير جکراڻي، ممتاز چاچڙ، امان الله چنا، سعيد کوسو، رحمت الله کوسو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن کي ريگيولر ڪرڻ بدران استادن مٿان وحشياڻو تشدد ڪري گرفتار ڪرڻ بعد ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. ھنن سنڌ گورنمينٽ کان مطالبو ڪندي چيو ته پنهنجي حقن لاءِ پرامن احتجاج ڪندڙ استادن کي ريگيولر ڪري گرفتار ٿيل استادن کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پ ٽ الف استاد تنظيم پوري سنڌ ۾ پرامن احتجاج جاري رکندي.

پهنجو تبصرو موڪليو