اسان گڏجي ڪم ڪريون ته پاڪستان جي ڪيتري ترقي ٿي سگهي ٿي:عروهه

اسان گڏجي ڪم ڪريون ته پاڪستان جي ڪيتري ترقي ٿي سگهي ٿي:عروهه

اسلام آباد(بيورو)اداڪارا عروه حسين ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ اڳتي اچڻ وارن شهرين کي ساراهيو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اداڪارا عروه حسين چيو ته اڄ مون کي ڪنهن ٻڌايو ته اهو ڏسي دل خوش ٿي رهي آهي ته هن قدرتي آفت دوران ڪيئن اسان هڪ قوم طور متحد آهيون.اداڪارا لکيو ته ”سوچو ته اسان هڪ ملڪ جي حيثيت ۾ ڪيئن ترقي ڪري سگهون ٿا جيڪڏهن پاڪستان جي بهتري لاءِ هر روز اهڙي طرح گڏجي ڪم ڪريون“.هڪ صارف تبصرن ۾ اداڪارا جي ٽوئيٽ تي رد عمل ظاهر ڪندي لکيو ته اصل مسئلو اهو آهي ته عوام متحد آهي اهي گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا پر سياستدان ۽ انهن جا ننڍڙا مفاد ان جي اجازت نه ڏيندا. محمد شاهه نالي هڪ صارف وڌيڪ چيو ته ’تو دل سان فيصلو ڪيو ته فطرت کي اهو فيصلو ڪرڻ ڏيو ته هي قوم زندهه رهڻ جي لائق آهي يا نه!

پهنجو تبصرو موڪليو