ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جو مشهور ۽ باصلاحيت اداڪار شاهد ڪپور پنهنجي شاندار اداڪاري ۽ ورسٽائل ڪردارن لاءِ مشهور آهي، سندس باري ۾ هڪ دلچسپ انڪشاف سامهون آيو آهي، تازو شاهد ڪپور جي پيءُ ۽ سينئر اداڪار پنڪج ڪپور پنهنجي خاندان جي پاڪستاني پس منظر بابت ڳالهايو آهي، پنڪج ڪپور کي تازو هڪ هندستاني پوڊ ڪاسٽ ۾ دعوت ڏني وئي هئي، انٽرويو دوران هن چيو ته سندس اباڻو تعلق پاڪستان جي شهر حافظ آباد مان آهن، هن چيو ته اسان جو ڏاڏو سرڪاري نوڪري ۾ هو، تنهن ڪري کيس اڪثر مختلف شهرن ۾ منتقل ڪيو ويندو هو، پر اسان کي ٻڌايو ويو ته اسان جي خانداني پاڙا حافظ آباد مان آهن، جتي ڪپور خاندان هڪ گڏيل خاندان جي طور تي رهندو هو، ڇاڪاڻ ته اسان ورهاڱي وقت هندستان ۾ رهندا هئاسين، تنهن ڪري اسان کي ڪنهن به قسم جي مسئلي جو منهن نه ڏسڻو پيو، هن وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته منهنجو پيءُ هڪ تمام ڪامياب ليکڪ، مشهور اسپيڪر ۽ ايف سي ڪاليج، لاهور جي مشهور ميگزين جو ايڊيٽر هو، کيس ڪاليج ۾ سڀ کان وڌيڪ اسٽائلش شخص سمجهيو ويندو هو.










