ان نقطي تي پهتا آهيون جتي اليڪشن به مسئلي جو حل ناهي: عباسي

ان نقطي تي پهتا آهيون جتي اليڪشن به مسئلي جو حل ناهي: عباسي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اڄ اسان ان هنڌ تي پهچي ويا آهيون جتي اليڪشن به ڪنهن شئي جو حل نه آهي خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ڳالهه هاڻي ڳالهين جي نه آهي پر معاملا طئي ڪرڻ جي آهي جنهن حد تي اسان پهچي ويا آهيون ڪنهن پارٽي ۾ صلاحيت نه آهي ڳالهه رڳو معيشت نه پر پوري نظام کي تبديل رڪڻو پوندو جنهن نموني ملڪ هلائيندا رهيا آهن هن پوري نظام کي تبديل ڪرڻو پوندو ڪائي هڪ پارٽي اڪيلي سر ملڪ جا مسئلا حل نٿي ڪري سگهي شاهد خاقان عباسي چيو ته اسٽيڪ هولڊر معاملي ۾ شامل ٿين گڏ ويهن ۽ ايجنڊا طئي ڪن سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي ملڪ لاءِ گڏ ويهڻو پوندو ٻيو ڪوئي حل نه آهي بيورو ڪريسي جي نطام کي تبديل ڪرڻو پوندو ۽ نيب کي ختم ڪرڻو پوندو اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ عدليه جو جيڪو نظام آهي ان کي به تبديل ڪرڻو پوندو سڄي ملڪ جي نظام کي تبديل ڪرڻو پوندو ٻيو ڪوئي رستو نه آهي هن چيو ته اڄ جيڪي سياسي پارٽيون آهن گذريل ٻن سالن ۾ سڀ حڪومتون ڪري چڪيون آهن ڪابه سياسي پارٽي مسئلا حل نه ڪري سگهي اڄ اسان ان هنڌ تائين پهچي ويا آهن جتي اليڪشن به ڪنهن شئي جو حل نه آهي هن چيو ته وزيراعظم جي ذميواري آهي سڀني کي مدعو ڪري ۽ ايجندا طئي ڪري جيڪي ماڻهو نٿا اچن انهن جي پنهنجي ذميواري آهي مستقبل لاءِ اسان هڪ هڪ سياسي سوچ گهرجي اسان کي سياست هڪ پاسي رکڻي پوندي ۽ ملڪ جي مفاد کي اوليت ڏيڻي پوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو