اليڪشن لاءِ تيار آهيون، موجوده حڪومت ڊسمبر به نظر نه ايندو: عمران اسماعيل

اليڪشن لاءِ تيار آهيون، موجوده حڪومت ڊسمبر به نظر نه ايندو: عمران اسماعيل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته موجوده حڪومت کي ڊسمبر به نظر نه ايندو. ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران اسماعيل چيو ته آڊيو ليڪ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته جيترو وڏو ڏوهه هوندو اوترو وڏو عهدو هوندو آهي. ان موقعي تي علي زيدي چيو ته ايم ڪيو ايم جي گورنر جي مقرري سان اسان کي سڀ کان وڌيڪ فائدو ٿيندو.هن چيو ته اسان اليڪشن لاءِ تيار آهيون، سمورن تڪن ۾ گڏجي چونڊون ڪرايون، هنن حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ ڪجهه ناهي ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو