ڪراچي (ويب ڊيسڪ) امريڪا ۾ مقرر اڳوڻي پاڪستاني سفير عابده حسين اعتراف ڪيو آهي ته نواز شريف اسامه بن لادن کان فنڊنگ ورتي، صدر غلام اسحاق خان نواز شريف تي اعتماد نه ڪندو هو. نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو آهي ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام صدر جي نگراني هيٺ هو ۽ نواز شريف کي ڪا به خبر نه هئي، منهنجو رابطو صدر غلام اسحاق خان سان رهندو هو، ڇو ته هو نواز شريف تي اعتماد نه ڪندو هو.عابده حسين جو چوڻ آهي ته 1990 ۾ مون کي امريڪا ۾ سفير وزيراعظم نه پر صدر غلام اسحاق خان بڻايو هو، هن مون کي چيو ته ايٽمي پروگرام مڪمل ٿيڻ ۾ 18 مهينا لڳندا، جيستائين امريڪين کي ڳالهين ۾ مصروف رکڻو آهي ۽ مان ائين ئي ڪيو، هن چيو آهي ته مون کي چيو ويو ته فون تي به ناهي ڳالهائڻو، 18 مهينن جي دوران 5 ڀيرا پاڪستان اچي صدر کان بريفنگ ورتي. هن چيو آهي ته نيو ڪليئر پروگرام 1983 ۾ نه پر 1992 ۾ مڪمل ٿيو هو، امريڪي پارليمنٽرينز ۽ سفارتڪار اسان تي ايٽمي پروگرام رول بيڪ ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا هئا، مان اهڙيون سرگرميون نه رکيون هيون جنهن سان ڳجهن ادارن وارن کي ڪجهه ملي ۽ هو اسان جي خلاف استعمال ڪن. هن چيو آهي ته هي ڳالهه صحيح آهي ته اسامه بن لادن نواز شريف کي سپورٽ ڪيو هو ۽ هو هن کي مالي مدد به فراهم ڪندو هو.










