لاهور: (ويب ڊيسڪ) ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي) پنجاب طرفان ڪيل ڪارروائي ۾ گرفتار القاعده جي انتهائي گهربل دهشتگرد امين الحق مشرقي کان جاچ ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي.ذريعن موجب امين الحق افغان شهري آهي ان وٽ موجود سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي تي سال 2020 جي تاريخ لکيل آهي جڏهن ته پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ تي ڌار جاچ ڪئي پئي وڃي.ذريعن ٻڌايو آهي ته امين الحق جاچ اختيارين جي سامهون دعويٰ ڪئي آهي ته ان جي القاعده جي اڳوڻي سربراهه اسامه بن لادن سان 15 نومبر 2001 تي آخري ملاقات ٿي هئي.سي ٽي ڊي پنجاب امين الحق مشرقي کي خميس تي گرفتار ڪيو هو جنهن حوالي سان ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي چيو هو ته دهشتگرد 2007 ۾ گرفتار ٿيو هو ۽ ان 4 سال سزا پڻ ڪاٽي هئي.دشمن ملڪ جي ايجنسي سندس گرفتاري تي تمام گهڻو پروپيگنڊا ڪيو هو اهو دهشتگرد آگسٽ 2021 کان افغانستان ۾ نظر آيو هو ۽ تازو ئي پاڪستان ۾ داخل ٿيو هو ان اهڙي قسم جو دهشتگرد پاڪستان ۾ ڇا ڪري رهيو هو ان جي باري ۾ جاچ ڪئي پئي وڃي.انچارج سي ٽي ڊي ٻڌايو ته انهي دهشتگرد وٽ پاڪستان جو آءِ ڊي ڪارڊ به آهي. انهي دهشتگرد جي سڃاڻپ ڪارڊ تي لاهور ۽ هريپور جي ايڊريس لکيل آهي، اهو دهشتگرد پاڪستان ۾ ڪيئن آيو ۽ ڪهڙي آءِ ڊي کان ٽريول ڪيو ان جي باري ۾ جاچ ڪئي پئي وڃي.










