ممبئي (ويب ڊيسڪ)ايشيا ڪپ ۾ پنهنجي بالنگ ۽ بيٽنگ ٻنهي سان پاڪستان جي فتوحات ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ نسيم شاهه جو ڀارت ۾ به بحث ٿيڻ لڳو.سڀ کان پهريان اداڪارا اروشي روٽيلا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي نسيم شاهه جي وڊيو شيئر ڪئي، بعد ۾ هڪ ٻي ڀارتي اداڪارا به نسيم شاهه جي ساراهه ۾ ٽوئٽ ڪئي.افغانستان ۾ فتح کانپوءِ مشهور ڀارتي ٽي وي اداڪارا سراب جيوتي به نوجوان نسيم شاهه لاءِ پيغام جاري ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته پاڪستان کي هيرو ضرور مليو آهي.هن هيش ٽيگ نسيم شاهه پڻ استعمال ڪيو.










