اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ جوڙيل ٽيم کي ٻيهر جوڙي ڇڏيو آهي.گهرو وزارت جاچ ڪميٽي جي ٻيهر جوڙجڪ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب 2 رڪني ڪميٽي ۾ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) جو ڊائريڪٽر اطهر وحيد ۽ انٽيليجنس بيورو جو ڊپٽي ڊائريڪٽر عمر شاهد حامد شامل آهن.نوٽيفڪيشن موجب جاچ ٽيم فوري طور ڪينيا جو دورو ڪندي.ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي ۾ آءِ ايس آءِ جي ڪرنل سعد احمد سميت 3 ميمبر شامل هئا.











