ارسا ۾ هڪ صوبي جي غنڊه گردي نه هلندي،چانڊيو

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سينيٽ جي اجلاس ۾ پاڻي جي ورڇ جي حوالي سان پنجاب ۽ سنڌ ۾ تڪرار واري نقطي تي سينيٽر اعجاز چوڌري چيو ته جن ملڪ ۾ ماضي ۾ پاڻي فراهم نه ڪيو اهي ڏهاري آهن، عمران خان پنهنجي اڍائي سالن ۾ هڪ ڊيم جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، هي جمهوريت جون چيمپيئن رهيا آهن ۽ عوام جي حقن جي ڳالهه ڪن ٿا، ماضي ۾ انهن پاڻي جو مسئلو حل ڇو نه ڪيو؟ پ پ سينيٽر مولا بخش چانڊيو چيو ته پاڪستان ۾ رڳو پنجاب ناهي، سنڌ ۾ به پاڪستان ۾ آهي، پاڻي مامري ۽ ارسا ۾ هڪ صوبي جي غنڊا گردي برداشت نه ڪئي ويندي، سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پ پ سينيٽر مولا بخش چانڊيو چيو ته سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، تڪراري سي جي ۽ ٽي پي ڪئنالز کي غيرقانوني طور وهايو پيو وڃي، پي ٽي آءِ سرڪار ڄاڻي واڻي صوبن ۾ اختلاف پيدا ڪري رهي آهي، سنڌ جي عوام کي پيئڻ جو پاڻي به نٿو ملي، ارسا ۾ هڪ صوبي جي غنڊه گردي نه هلندي، سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو