ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ارسا جي جوڙجڪ ۽ تڪراري ڪئنالن لاءِ ارسا جي پاڻي جي دستابي واري سرٽيفيڪٽ خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪندي وفاق کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس فيصل ڪمال ۽ جسٽس جواد ايس سروانه تي ٻڌل 2 رڪني بينچ فيصلو ٻڌايو ، اِرسا جي جوڙجڪ ۽ اضافي پاڻي جي دستيابي وارو سرٽيفڪيٽ خلاف پي پي سينيٽر ضمير گهمرو پاران داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، سنڌهاءِ ڪورٽ اِرسا جي سرٽيفڪيٽ تي عمل درآمد روڪڻ جو حڪم ڏنو. وفاقي حڪومت جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري جنهن تي عدالت 18 اپريل تائين تفصيلي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اِرسا ۾ سنڌ مان وفاق جو ميمبر مقرر ناهي ڪيو ويو، ان بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو واضح حڪم موجود آهي ۽ ان خلاف وفاق جي اپيل به سپريم ڪورٽ رد ڪري ڇڏي هئي. ان جي باوجود وفاقي حڪومت ارسا ۾ وفاق جو نمائندو پنجاب مان مقرر ڪيو آهي. عدالت ان معاملي تي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي پاڻي ۽ آبي ذخيرن واري کاتي جي سيڪريٽري ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ 7 مئي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. وڪيل چيو ته اِرسا جي جوڙجڪ غيرقانوني آهي، غيرقانوني جوڙجڪ بعد اِرسا جا سمورا فيصلا غيرقانوني آهن ، ياد رهي ته اِرسا 25 جنوري تي چولستان ۽ ٿل ڪئنال جي اڏاوت لاءِ پاڻي فراهمي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو هو. عدالتي حڪم بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ضمير گهمرو چيو ته هاڻي ڪينالز جي تعمير جو ڪو جواز ناهي، پنجاب حڪومت ۽ گرين انيشيٽو هيٺ تڪراري ڪينالز جي اڏاوت بند ٿيڻ گهرجي.










