راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن واري وزارت لال حويلي جي زمين ڪيس ۾ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.متروڪه ملڪيت بورڊ جي چيئرمين شيخ رشيد جي ڀاءُ شيخ صديق کي طلب ڪري ورتو.نوٽيس ۾ شيخ صديق کي هر صورت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪندي چيو ويو آهي ته ٻڌڻي ڪنهن به صورت ۾ ملتوي نه ٿي ڪري سگهجي.لال حويلي جي درخواست تي ٻڌڻي 25 جولاءِ تي مذهبي معاملن واري وزارت اسلام آباد ۾ ٿيندي، ڪيس جي ٻڌڻي مذهبي معاملن واري وزارت جو سيڪريٽري ڪندو جڏهن ته نوٽيس جون ڪاپيون متروڪه ملڪيت بورڊ راولپنڊي ۽ سيٽلمينٽ ڊپٽي ڪمشنر کي موڪلي ڇڏيون آهن.نوٽيس جي ڪاپي شيخ رشيد جي ڀاءُ شيخ صديق جي وڪيل سردار عبدالرزاق کي به موڪلي وئي آهي.










