ادارا معافي وٺن يا ڌانڌلي ڪندڙن کي وائکو ڪن، مولانا

سکر (جئيرام داس ) اپوزيشن جي اتحاد پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان کي اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي شڪايت آهي، ادارا يا ته معذرت ڪن يا ڌانڌلي ڪندڙن کي وائکو ڪن. سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته جيڪي حڪمران دهشتگردي ختم ٿيڻ جون دعوائون ڪندا هئا، پشاور وارو ڌماڪو انهن ۽ سيڪورٽي جي منهن تي چماٽ آهي، حڪومت ۽ حڪومتي ادارا تحفظ نه ٿا ڏئي سگهن ته مدرسا پاڻ سيڪيورٽي جا انتظام سنڀاليندا، ملڪ ۾ نااهلن جي حڪمراني آهي، ناجائز ۽ سليڪٽيڊ حڪومت سان ڪي به ڳالهيون نه ڪيون وينديون، پي ڊي ايم پنهنجي تحريڪ ۾ عوام جي ترجماني ڪري رهي آهي، مولانا فصل الرحمان چيو ته فرانس طرفان گستاخ خاڪا جاري ڪرڻ وارو عمل مذمت جوڳو آهي، عوام فرانسيسي شين جو بائيڪاٽ ڪري ۽ حڪومت واپاري معاهدا رد ڪري، عوام ايندڙ هفتي احتجاجن ذريعي گستاخ خاڪن خلاف پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو