اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ايل اي 9 ڪوٽلي 2 نڪيال ۾ جيالي مختار يونس جي شهادت تي وارثن سان افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ بلاول چيو ته مون کي اطلاع مليو آهي ته مسلم ليگ ن جي اميدوار سردار عمير نعيم طرفان فائرنگ ڪري منهنجي ڪارڪن مختار يونس کي شهيد ڪيو ويو آهي.
هن سوال ڪيو ته ميرپور نڪيال ۾ منهنجو ڪارڪن شهيد ٿي ويو، لاڳاپيل اختياريون ڪٿي آهن؟ اليڪشن ڪميشن ڇا ڪري رهي آهي؟
هن چيو ته ٻه ڏينهن اڳ به مسلم ليگ ن نڪيال جي اڳواڻ سردار عمير نعيم جي ساٿين سميت کلي عام فائرنگ ڪرڻ جي وڊيو منظرِ عام تي آئي هئي، جيڪڏهن لاڳاپيل اختياريون ٻه ڏينهن اڳ نڪيال ۾ مسلم ليگ ن جي اميدوار طرفان فائرنگ واري واقعي جو نوٽيس وٺن ها ته اڄ هڪ انساني زندگي جي قيمت ادا نه ڪرڻي پوي ها.
هن چيو ته شهيد جيالو مختار يونس نڪيال ۾ منهنجي اميدوار جاويد بڊھانوي سان گڏجي مؤثر چونڊ مهم هلائي رهيو هو. پنهنجي شڪست کان بوکلاهٽ ۾ اچي پاڪستان پيپلزپارٽي جا مخالف اوڇا هٿڪنڊا اختيار ڪري ويٺا آهن.










