احسان الله خوش قسمت هو جو منهنجي بيٽنگ کان بچي ويو: محمد حارث

ملتان(ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ جي پنجين ميچ ۾ گذريل رات کان سوشل ميڊيا تي ٽي نالا بحث هيٺ آهن، جن ۾ پشاور زلمي جو صائم ايوب، محمد حارث ۽ ملتان سلطانز جو احسان الله شامل آهن.پشاور زلمي ۽ ملتان سلطانز وچ ۾ کيڏيل ميچ ۾ سلطانز زلمي کي 56 رنسن تان شڪست ڏني، پر پشاور زلمي کي مثالي شروعات فراهم ڪندڙ محمد حارث افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هو فاسٽ بالر احسان الله جي وڌيڪ بالن کي منهن نه ڏئي سگهيو.ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس دوران حارث کان جڏهن احسان جي حوالي سان ڪيل رٿابندي بابت پڇيو ويو ته هن جواب ڏنو ته جنهن طرح منهنجي بال بيٽنگ تي اچي رهي هئي خدا جو شڪر آهي احسان الله بچي ويو.حارث چيو ته اها احسان جي قسمت هئي، مان چڱيءَ ريت سمجهان ٿو، ڪي پي ڪي ۾ گڏ کيڏندا هئاسين، مون کي خبر آهي ته هو بالنگ ڪڏهن ڪندو.هن چيو ته مون کي ايتري خبر آهي ته احسان الله لاءِ رٿابندي ڪئي هئي پر بدقسمتي سان مان صرف ٻه بال کيڏي سگهيو آهيان.ان کان علاوه حارث زلمي جي بيٽنگ صلاحڪار ڪامران اڪمل جي به تعريف ڪئي ۽ چيو ته هن اسپنرز خلاف منهنجي راند کي بهتر بڻايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو