ميرپور ماٿيلو (رپورٽ ظھير وسير) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي حڪم تي اي ڊي سي ٽو جي ڪارروائي، هائي اسڪول عادلپور ۾ قائم احساس سينٽر تي ڇاپو، عورتن جي پئسن مان ڪٽوتي ڪندڙ 4 ايجنٽ گرفتار، عادلپور ٿاڻي تي لاڪ اپ. عوامي شڪايتن تحت ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي هدايت تي اي ڊي سي ٽو مستقيم قريشي عادلپور هائي اسڪول ۾ قائم احساس سينٽر تي اوچتو ڇاپو هڻي عورتن جو نشاندهي تي 4 ايجنٽن عطا محمد گبول، شفيق احمد،امتياز علي ۽ اعجاز احمد کي گرفتار ڪرائي ورتو جن مٿان عادلپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري کين جيل حوالي ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته احساس پروگرام تحت غريب عورتن جي رقم مان ڪٽوتي ڪندڙ ايجنٽ پنهنجو قبلو درست ڪن ٻي صورت ۾ سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، غير قانوني ڪٽوتي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبي.










