احتساب عدالتن ۾ ججن جي کوٽ، وفاق کي 12 سيپٽمبر تائين مهلت

احتساب عدالتن ۾ ججن جي کوٽ، وفاق کي 12 سيپٽمبر تائين مهلت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي احتساب عدالتن ۾ ججن جي کوٽ بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي دوران ججن جي مقرري تي جواب داخل نه ڪرڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪندي ان حوالي سان وفاقي حڪومت کي 12 سيپٽمبر تائين مهلت ڏئي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ چيو ته گذريل ٻڌڻي تي چيو ويو هو ته مقرري جي سمري صدر ڏانهن موڪلي وئي آهي. جسٽس جنيد غفار چيو ته جيڪڏهن هر ٻڌڻي تي نئون ڊپٽي اٽارني جنرل ايندو ته ڪيس نه هلندو. هن پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته عدالتن ۾ ججن جي مقرري ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي. نيب عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته ڪورٽ نمبر 3 جي جج جو مدو ختم ٿي ويو آهي ۽ عدالت خالي آهي، هڪ ئي عدالت ۾ 40 ريفرنسز التوا ۾ آهن، 5 وڌيڪ عدالتون قائم ڪيون ويون آهن پر رڳو ڪورٽ نمبر 6 ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي حڪومت جو جواب اچڻ بعد فيصلو ڪيو ويندو. نيب اختيارين اهو به ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 10 احتساب عدالتون آهن، جن مان هن وقت صرف 4 عدالتون ڪم ڪري رهيون آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاق کي جواب ڏيڻ لاءِ 12 سيپٽمبر تائين مهلت ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو