احتجاج کي 400 ڏينهن ٿي ويا انصاف نه مليو،خودڪشي جي ڌمڪي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهوٽڪي جي پريمي جوڙي غلام الرسول ۽ زرينا ڀٽو کي وفاقي گادي واري شهر جي نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج کي 400 کان مٿي ڏينهن گذري ويا پر هن مهل تائين کين انصاف نه ملي سگيو آهي. پسند جي شادي ڪرڻ تي کين ڪارو ڪاري ظاهر ڪندي مائٽ قتل ڪرڻ چاهين ٿا. زرينا ٻڌايو ته سندس ڳوٺ جو وڏيرو پوليس ذريعي سندس مڙس غلام الرسول ۽ سندس گهر ڀاتين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن. پوليس سندس مڙس جي پوڙهن والدين کي تنگ ڪري رهي آهي ۽ منهنجي مائٽن پسند جي شادي ڪرڻ تي غلام الرسول جي زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي. جوڙي چيو ته هو جان بچائي انصاف لاءِ اسلام آباد آيا پر سپريم ڪورٽ سميت مختلف ادارن سان انصاف لاءِ رابطو ڪيو پر ڪنهن به واهر ناهي ڪئي. هنن ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن کين انصاف نه مليو ته هو سپريم ڪورٽ آڏو خودڪشي ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو