لاهور(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي خاتون اول بشرا بي بي جي ويجهي دوست فرح خان عرف فرح گوگي ۽ سندس مڙس احسن جميل گجر خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ريفرنس داخل ڪيو ويو ويندو قومي احتساب بيورو (نيب) جي جاچ ٽيم فرح خان کي سمن موڪلڻ لاءِ نيب جي اعليٰ عملدارن کان اجازت گهري ورتي آهي.ذريعن موجب نيب رڪارڊ جي وصولي لاءِ جوڙي خلاف 100 کان وڌيڪ خط جاري ڪيا هئا، جيڪي مختلف سرڪاري ۽ خانگي ادارن کي موڪليا ويا هئا.جاچ ٽيم مختلف کاتن کان مليل رڪارڊ جو جائزو وٺڻ بعد ان نتيجي تي پهتي آهي ته فرح خان کي طلبي جا نوٽيس جاري ڪيا وڃن،ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته فرح خان خلاف انڪوائري ۾ حيران ڪندڙ ثبوت سامهون اچي رهيا آهن، ان ڪري کيس فوري طلب ڪرڻ لاءِ مقامي ايڊريس تي سمن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.










