اتر وزيرستان: پوليو ٽيم تي فائرنگ، پوليو ورڪر سميت 2 اهلڪار شهيد

اتر وزيرستان: پوليو ٽيم تي فائرنگ، پوليو ورڪر سميت 2 اهلڪار شهيد

اسلام آباد (بيورو)اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل ۾ اڻڄاتل هٿياربندن پوليو ٽيم تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پوليو ورڪر ۽ ٻه پوليس اهلڪار مارجي ويا.پوليس موجب فوتين جا لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال دتا خيل منتقل ڪيو ويو آهي. ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر اتر وزيرستان شاهد علي خان چيو ته پوليو ٽيم تنگ ڪالي واري علائقي ۾ ٻارن کي ڦڙا پيارڻ لاءِ وئي هئي شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن ۾ ڪاپ الدين شاهد ۽ پوليس اهلڪار رضا الله شامل آهن ڊپٽي ڪمشنر اتر وزيرستان فائرنگ ۾ هڪ ٻار جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو