اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومتي اتحاد ۾ شامل سمورين پارٽين کي نگران وزيراعظم لاءِ 2 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي ته هو پنهنجي قيادت سان صلاح مشوري ڪري.حڪومتي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ق)، مسلم ليگ (ق)، جمهوري وطن پارٽي ۽ ٻين اتحادي پارٽين شرڪت ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته مشاورتي اجلاس ۾ نويد قمر، خورشيد شاهه، اياز صادق، سعد رفيق، منظور ڪاڪڙ، شاهه زين بگٽي شرڪت ڪئي.ذريعن موجب سمورين سياسي پارٽين کي نگران وزيراعظم جي نالي لاءِ 2 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي هئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سموريون سياسي پارٽيون پارٽي قيادت جي مشاورت سان 2 ڏينهن اندر نالا ڏين.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ بابت صلاح مشورا نه ٿيا.










