ابوالڪلام آزاد جي ورسي 22 فيبروري تي ملهائي ويندي

ابوالڪلام آزاد جي ورسي 22 فيبروري تي ملهائي ويندي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) امام الھند ابوالڪلام آزاد جي 62 ھين ورسي جي تقريب سنڌ ساگر پارٽي پاران 22 فيبروري  2021 تي سومر ڏينھن 3 وڳي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ملھائي ويندي ان سلسلي ۾ سنڌ ساگر پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ عزيز اللھ ٻوھيو پنھنجي پريس بيان ۾ چيو آھي تھ ننڍي کنڊ ۾ غلام ھندستان کي انگريزن کان آزادي ڏيارڻ جي جنگ جي سرواڻ مولانا آزاد جي 62 ھين ورسي جي تقريب سنڌ ساگر پارٽي پاران ملھائي ويندي جنھن جي صدارت جيئي سنڌ قومي محاذ جو اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڪندو جڏھن تھ ٻين مقررن ۾ سنڌ جا ناليوارا دانشور ، سياسي اڳواڻ تاج جويو ، عبدالخالق جوڻيجو ، رياض چانڊيو ، امداد قاضي ، بخشل ٿلھو ، پروفيسر ڊاڪٽر مجيد چانڊيو ، پروفيسر مشتاق ميراڻي ، فھيم نوناري ۽ محمد يونس مھر ۽ ٻيا شامل ھوندا

پهنجو تبصرو موڪليو