ملير (شهزادو مستوئي) رزاق آباد ۾ ڪلمتي برادري طرفان زمين تي قبضي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ برداري جي ماڻھن، سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ريلي رزاق آباد جي مين بازار کان ٿيندي مک چوڪ تي پهچي ڌرڻي جي شڪل اختيار ڪري وئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي محمد سبحان ڪملتي، يوسف، بشام پنھل ۽ ٻين چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن موروثي زمين تي ٺٽي جي بااثرن ۽ اتان جي مختيارڪار ڪاغذن ۾ ڦيرڦار ڪري زمين تي قبضو ڪري ورتو آھي. ھنن وڌيڪ چيو ته قبضا گير ٽولي کي بااثر ماڻهوءَ جي پٺڀرائي حاصل آھي جنھن ذريعي انتقامي ڪارروايون ڪندي اسان تي ڪوڙا ڪيس به داخل ڪرايا آھن. ھنن وڌيڪ چيو ته ديھ کيراڻي تپو گھارو تعلقو ساڪرو ۾ پيل اسان جي 34 ايڪڙ زمين تي بااثر ٻيھر قبضو ڪري انتقامي ڪاررواين تي لھي آيو آھي نيب سميت ڪيترن ئي اعليٰ ادارن کي لکت ۾ درخواستون جمع ڪرائي چڪا آھيون پر ھن وقت تائين سندن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي آھي. ھنن مطالبو ڪندي چتاءُ ڏنو ته بااثرن جي قبضي ھيٺ آيل زمين تان ھٿ نه کنيو ته پنھنجي برداري سميت سياسي سماجي ڌرين سان گڏجي احتجاجي تحريڪ ھلائينداسين.










