ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناليواري ايسٽرولوجسٽ هندي جي لال ڪتاب جي آڌار تي پيشنگوئي ڪئي آهي ته جن ماڻهن جا نالا م، ٽ ۽ ٺ سان شروع ٿين ٿا تن لاءِ آگسٽ جو مهينو هر حوالي سان بهتر رهندو. پهرين کان 25 آگسٽ تائين سعد ستارو زهره انهن ماڻهن جي طالع ۾ داخل رهندو جنهن ڪري کين مالياتي، سياسي، سماجي ۽ قانوني معاملن ۾ فائدو ٿيندو. مٿي ڄاڻايل هرفن سان شروع ٿيندڙ نالن وارا ماڻهو پنهنجي ڦاٿل ڪمن لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪن جيئن کين ڪاميابي ملي سگهي. 25 آگسٽ بعد سندن طالع ۾ خطرناڪ ستارو شمس داخل ٿيندو جيڪو 15 آڪٽوبر تائين رهندو. ان دوران انهن ماڻهن جي طبيعت ۾ چڙ چڙوپن، ذهني دٻاءُ ۽ تڪرار وڌي ويندا ۽ ان عرصي ۾ کين انتهائي صبر کان ڪم وٺي ڪمپرومائيز ڪرڻو پوندو. ان عرصي دوران هو آچر تي ڪا مٺي شئي ڪيڙن ماڪوڙن کي دان ڪن.










