آڊيو ليڪ جاچ، نجم الثاقب جي بئنڪ اڪائونٽس جو تفصيل طلب

آڊيو ليڪ جاچ، نجم الثاقب جي بئنڪ اڪائونٽس جو تفصيل طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آڊيو ليڪ جي جاچ لاءِ قائم خصوصي پارليماني ڪميٽي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم الثاقب سميت ٽن ماڻهن جي بئنڪ اڪائونٽ جو تفصيل گهري ورتو خميس تي چيئرمين اسلم ڀوتاڻي جي صدارت هيڍ آڊيو ليڪ جي جاچ لاءِ قائم خصوصي پارليماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو چيئرمين اسلم ڀوٿاڻي چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس جي پٽ نجم الثاقب کي رولز 227 تحت ڪميٽي سمن ڪيو هو ڪميٽي ۾ طلبي جي باوجود نجم الثاقب سميت ٻيون ڌريون اجلاس ۾ نه آهيون قانون واري وزارت جي عملدارن چيو ته نوٽيس کان پوءِ نه اچڻ تي ڪميٽي سمن جاري ڪري سگهي ٿي سمن کان پوءِ به ڪوئي ڪميٽي جي سامهون نه اچي ته وارنٽ جاري ڪري سگهن ٿا اسلم ڀوتاڻي ڪميٽي جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ڪميٽِ ٽن ماڻهن کي سمن جاري ڪري اسان کي ڪنهن کي طلب نه ڪرڻ جو عدالت جو ڪو حڪم اڃا تائين ناهي مليو ڪميٽي ميمبر شيخ روحيل اصغر آڊيو ليڪس معاملي تي ناڻي وزارت جي عملدارن کي گهرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي هن چيو ته ناڻي وزارت کان اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ڪرائي وڃي اڳوڻي چيف جسٽس جو پٽ پاڻ کي چيف جسٽس سمجهي رهيو آهي برجيس طاهر چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس کي گهرجي ها ته هو پاڻ پنهنجي پٽ کي هتي اماڻي ها ثاقب نثار کي قانون تي يقين هجي ها ته پٽ کي هتي پاڻ اماڻي قانون پسند هجڻ جو ثبوت ڏي ها اسلم ڀوتاڻي چيو ته فنانس ڊويزن اڪائونٽ جو تفصيل مهيا ڪري اهو به ڏسڻو آهي ته انهن ڏينهن ۾ ڪائي بئنڪ ترانزيڪشن ٿي معاملي تي گهرو وزارت ڪميٽي کي پنهنجو موقف ٻڌائي گهرو وزارت عملدارن مطابق آڊيو پارليماني نظام لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي پارليامينٽ هن معاملي جو نوٽيس وٺي سگهي ٿي ۽ جاچ به ڪري سگهي ٿي. اسلم ڀوتاڻي چيو ته هي ڪميٽي ته ثاقب نثار جي پٽ کي سهولت ڏئي رهي آهي هو پنهنجي وضاحت ڪري شيخ روحيل اصغر چيو ته اوهان ناڻي واري وزارت کي لکو ته ان عرصي جي بئنڪ ٽرانزيڪشن فراهم ڪري ناز بلوچ چيو ته ڪرپشن جي رقم اڪائونٽس ۾ ناهي ورتي ويندي ڪميٽي پنهنجا اختيار استعمال ڪري برجيس طاهر چيو ته هي هائوس جي اسپيشل ڪميٽي آهي جيڪو 24 ڪروڙ عوام جو نمائنده ايوان آهي جيڪڏهن اهي ماڻهو ڪميٽي کي ڪجهه نٿا سمجهن ته پوءِ رولز مطابق وارنٽ جاريڪرڻ گهرجي ڪميٽِ ثاقب نٿار جي پٽ نجم الثاقب ۽ عزيز جي بئنڪ اڪائونٽ جو تفصيل طلب ڪريورتي قانون واري وزارت جي عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته نوٽِس کان پوءِ نه اچڻ تي ڪميٽِ سمن جاري ڪري ڇڏي سگهي سمن کان پوءِ به ڪوئي ڪميٽِ جي سامهون نه آيو ته ان جا وارنٽ جاري ڪري سگهجن ٿا اسلم ڀوتاڻي ڪميٽي جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ڪميٽي ٽنهي ڄڻن کي سمن جاري ڪري اسان کي ڪنهن عدالت جو ڪو حڪم اڃا تائين نه مليو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو