اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جي فيصلي جي خلاف اليڪشن ڪميشن جي نطرثاني درخواست جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته عدالت ڪميشن ڪالعدم قرار ناهي ڏنو اوهان آڊيو ليڪس ڪميشن ڪيس ۾ اسان جو حڪم نامو پڙهيو هوندو ڪنهن شئي تي جاچ ڪرائڻي آهي ته باقاعدي طريقي سان اچو سومر تي چيف جسٽس عمر عطا بنيال جي سربرابي ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر بئنچ جو حصو آهي ٻڌڻي شروع ٿي ته اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي نظرثاني جا قانون منطور ٿي چڪا اهن سپريم ڪورٽ جي نطرثاني جا قانون جمعي کان لاڳو ٿي چڪا جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏنا ته انهيءَ ڪري اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سجيل سواتي جي منهن تي مرڪ آئي آهي اٽارني جنرل چيو ته سپريم ڪورٽ جو اصل دائرو آرٽيڪل 184 ٿري ۾ نظرثاني جو قانون ٺاهيو ويو آهي سپريم ڪورٽ جي نظرثاني اختيار کي وسيع ڪيو ويو آهي چيف جسٽس چيو ته هي عدالت عدليه جي آزادي جي قانون کي لاڳو ڪري ٿي سمجهون ٿا ته آرٽيڪل 184 ٿري جي دائري جي ڪيسن ۾ نظرثاني ٿيڻ گهرجي سپريم ڪورٽ جا هي فيصلا آرٽيڪل 187 تحت نظرثاني جو اختيار وارو دائرو وڌائڻ جو رستو ڏئي رهيا آهن پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ حڪومت نئون عدالتي اختيار وارو دائرو بڻائي ڇڏيو حڪومت عدالت جي انتظامي معاملن ۾ به مداخلت جي ڪوشش ڪئي خوشي آهي ته موجوده قانون صرف 184 ٿري بابت آهي سڀني کي ٻيهر سوچڻو پوندو چيف جسٽس چيوت ه جج جي جانبداري جو به معاملو اٿاريو ويوآهي ڪيو ريٽو ريويو جو جيڪو معاملو اوهان اٿاريو ان کي به ڏسي رهيا آهيون ٻئي پاسي کان ڪير آيو آهي اٽارني جنرل ٻڌايو ته بئريسٽر علي ظفر اڄ نظر ناهي آيو ان تي چيف جسٽس چيو ته ڇا اوهان علي ظفر کي ڪجهه غلط چيو آهي؟ اٽارني جنرل جواب ڏنو ته مان بئريسٽر علي ظفر کي ڪجهه ناهي چيو چيف جسٽس چيو ته هن ڪيس کي في الحال ملتوي ڪري رهيا آهيون تحريڪ انصاف کي به قانونسازي جو علم ٿي ويندو. خميس تي جڊيشل ڪميشن وارو ڪيس مقرر آهي اٽارني جنرل ان بابت به حڪومت کان هدايتون وٺي ڇڏيون هن چيو ته اوهان آڊيوليڪس ڪميشن ڪيس ۾ اسان جو حڪم نامو پڙهيو هوندو زهن ۾ رکو ته عدالت ڪميشن ڪالعدم قرار ناهي ڏنو عدالت کي عدليه جي آزادي جو تحفظ ڪرڻو آهي چيف جسٽس چيو ته ڳجهين ملاقاتن سان معاملا نٿا هلي سگهن هي تاريخي ايڪسيڊنٽ آهي ته چيف جسٽس رڳو هڪ ئي هوندو آهي اسان ميموگيٽ، ايبٽ آباد ڪميشن ۽ شهزاد سليم قتل جي ڪميشنز جو نوٽيفڪيشن ڏيکاريو سمورا جڊيشل ڪميشن چيف جسٽس جي مرضي سان جوڙيا وڃن ٿا ڪنهن شئي تي جاچ ڪرائڻي آهي ته باقاعدي طريقي سان اچو مان پاڻ تي ٻڌل ڪميشن نه جوڙيندس ڪنهن ٻئي جج کان جاچ ڪرائي سگهجي ٿي هي سياسي پارو معيشت ۽ امن امان کي بهتر نه ڪندو عدالت ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










