واشنگٽن(ويب ديسڪ)لاڪ هيڊ مارٽن آمريڪي فوج لاءِ آواز جي رفتار کان پنجوڻ تي وڌيڪ تيز سفر ڪرڻ واري پروٽو ٽائيپ هائپرسونڪ ميزائل ٽيڪنالاجي جوڪامياب تجربو ڪرڻ جي دعويٰڪئي آهي. هن هائپرسونڪ هٿيارن جي ٽيسٽ، جنهن جو اعلان 5 اپريل تي ڊفينس ايڊوانسڊ ريسرچ پروجيڪٽ ايجنسي (DARPA) پاران ڪيو ويو هو، ريٿيون ٽيڪنالاجيز پاران سيپٽمبر 2021 جي ٽيسٽ کانپوءِ هائپرسونڪ ايئر بريٿنگ ويپن ڪانسيپٽ (HAWC) پروگرام لاءِ ڪنهن ميزائيل جي ٻئي اڏام هئي جنهن پنهنجي حدف کي ڪاميابي سان نشانو بنايو. کي نشانو بڻايو. پروگرام جي اهلڪارن نئين اڏام کي هائپرسونڪ پروگرام ۾ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو آهي. جنهن جو مقصد فوجي آپريشن کي تيز رفتار سان اڳتي وڌائڻ آهي.










