واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي فوج جي ليفٽيننٽ ايلما ڪوپر مس يو ايس اي 2024 بڻجي وئي.پرڏيهي ميڊيا موجب مس يو ايس اي جو ٽائيٽل تڪراري ٿيڻ بعد 22 ورهين جي ايلما ڪوپر آخرڪار مس يو ايس اي 2024 بڻجي وئي.پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي رياست مشي گن سان تعلق رکندڙ ايلما ڪوپر کي آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ آچر تي منعقد تقريب ۾ نامزد ڪيو ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب ايلما ڪوپر هاڻي نومبر ۾ ٿيندڙ مس يونيورس مقابلي ۾ حصو وٺندي، سندس سوشل ميڊيا کي ڏسندي خبر پئي ته هوءَ هڪ سيڪنڊ ليفٽيننٽ آهي ۽ هڪ فوجي انٽيليجنس آفيسر طور ڪم ڪري رهي آهي ۽ هن اسٽينفورڊ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي آهي آمريڪي ميڊيا موجب آچر تي سوالن جوابن جي سيشن دوران ايلما ڪوپر جو چوڻ هو ته مهاجرن جي ڌيءَ ۽ هڪ قابل فخر عورت ۽ آمريڪي فوج ۾ آفيسر جي حيثيت سان مان خواب جي زندگي گذاري رهيو آهيان.هن چيو ته منهنجي زندگي ۽ منهنجي ماءُ مون کي اهو سيکاريو آهي ته توهان جون حالتون ڪڏهن به توهان جي تقدير جو تعين نه ڪنديون آهن، توهان بهترين ڪم ڪري ڪاميابي حاصل ڪري سگهو ٿا.ميڊيا رپورٽن موجب اهو ٽائيٽل رنر اپ 28 سالن جي ساوانا گنڪيوچز کي ڏنو ويو، جڏهن ته اوچتو ئي مئي ۾ مس يو ايس اي 2023 جي ٽائيٽل تان نوليا ووگٽ هٿ کڻي وئي.










