نقوي جي عراقچي سان ملاقات، فيلڊ مارشل جو پيغام حوالي

نقوي جي عراقچي سان ملاقات، فيلڊ مارشل جو پيغام حوالي

تهران: (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جو ايران جي سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنائي جو خصوصي پيغام ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي حوالي ڪري ڇڏيو.ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب پاڪستان جي گهرو وزير محسن نقوي تهران ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن خطي جي موجوده صورتحال ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ملاقات ۾ محسن نقوي وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جو ايراني سپريم ليڊر جي لاءِ خصوصي پيغام به ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي حوالي ڪيو.ياد رهي ته گهرو وزير محسن نقوي گذريل ڏينهن ايران جي دوري تي پهتو هو جتي انهي جي ايراني هم منصب اسڪندر مومني سان به ملاقات ٿي هئي. گهرو وزير محسن نقوي جي ايراني هم منصب اسڪندر مومني سان ملاقات ۾ علاقائي سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.عرب ميڊيا جي ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزير محسن نقوي تهران ۾ هڪ مفاهمتي يادداشت تائين پهچڻ جي طريقن تي ڳالهيون ڪندو، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي انهي کان اڳ به 2 ڀيرا ايران جو دورو ڪري چڪو آهي.

آمريڪي فوج جو ڇنڇر ڏينهن ايران جا 2 ڊرون مارڻ جو دعويٰ

آمريڪي فوج پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي ڊرونز هرمز واري لنگهه (آبنائي هرمز) ۾ هلييندڙ ٽريفڪ لاءِ خطرو بڻجي رهيا هئا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مستقبل ۾ به هرمز واري لنگهه جي ٽريفڪ لاءِ خطرو بڻجندڙ ڊرونز کي ائين ئي ڪيرايو ويندو.

ايران حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۾ ناڪامي، موساد سربراهه ڊپٽي ڊائريڪٽر برطرف

آمريڪي ميڊيا موجب، موساد جي نئين سربراهه رومن گفمين اڱاري ڏينهن پنهنجو عهدو سنڀاليو، جڏهن ته موساد جي انٽرنيشنل ريليشنز برانچ جي سربراهه سومر ڏينهن پنهنجو استعيفيٰ ڏنو هو.آمريڪي نيوز ويب سائيٽ موجب، امڪان آهي ته وڌيڪ آفيسرن کي به استعيفيٰ ڏيڻي پوندي. برطرف ڪيل نائب سربراهه کي گذريل سال سوين ايجنٽ ۽ هڪ ارب شيڪل (اسرائيلي ڪرنسي) ڏنا ويا هئا. برطرف ٿيندڙ نائب سربراهه جو نالو ظاهر ناهي ڪيو ويو، کيس صرف حرف ”اي“ (A) سان منسوب ڪيو ويو آهي.

هاڻوڪي صورتحال تي سپريم ليڊر مجتبا خامنه اي لاءِ فيلڊ مارشل جو خاص خط کڻي آيو آهيان: محسن نقوي

وفاقي وزير داخلا محسن نقوي ايراني هم منصب اسڪندر مومني سان ملاقات جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هاڻوڪي صورتحال تي سپريم ليڊر آيت الله مجتبا خامنه اي لاءِ فيلڊ مارشل جو خاص خط کڻي آيو آهيان. محسن نقوي ٻڌايو ته هاڻوڪي صورتحال تي آيت الله مجتبا خامنه اي لاءِ وزيراعظم جو پيغام به کڻي آيو آهيان.

آمريڪا جو ايران جا ڄميل اثاثا خليجي اتحادين جي نقصانن جي پورائي لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو

خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب، ايراني ڄميل اثاثن (منجمد اڪائونٽس) مان خليجي ملڪ ايران پاران ٿيندڙ حملن جي نقصانن جو پورائو ڪري سگهندا. رپورٽ موجب، آمريڪي ناڻي واري وزير پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته هو خليجي اتحادي ملڪن ۾ ايران جي ڪري پهچندڙ نقصانن جو جائزو وٺن ۽ انهن جي لاڳت جو اندازو لڳائين.

پهنجو تبصرو موڪليو