آمريڪي صدر ٽرمپ جا ٽيرف بابت کنيل قدم عدالت پاران رد

آمريڪي صدر ٽرمپ جا ٽيرف بابت کنيل قدم عدالت پاران رد

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي سپريم ڪورٽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف قدمن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.نيوز ايجنسي جي مطابق، آمريڪي سپريم ڪورٽ جمعي تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي عالمي واپاري ٽيرف کي ڪالعدم قرار ڏنو.عدالت فيصلو ڏنو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ٽيرف لاڳو ڪرڻ وقت پنهنجي اختيار کان تجاوز ڪيو، جنهن عالمي واپار کي سخت متاثر ڪيو.نيوز ايجنسي جي مطابق، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته انٽرنيشنل ايمرجنسي اڪنامڪ پاورز ايڪٽ آمريڪي صدر کي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اختيار نٿو ڏئي.هن فيصلي کي ٽرمپ جي معاشي پاليسي لاءِ هڪ وڏو عدالتي ڌڪ قرار ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ٽيرف کي سندس معاشي ايجنڊا ۾ هڪ اهم هٿيار سمجهيو ويندو هو.ماهرن جي مطابق، اهو فيصلو هن سال ڪيل واپاري معاهدن تي به اثر انداز ٿي سگهي ٿو. اهو فيصلو هڪ نئين حد مقرر ڪري ٿو ته صدر ڪانگريس جي منظوري کانسواءِ ڪهڙيون پاليسيون لاڳو ڪري سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو