آمريڪي شهر فلاڊيلفيا ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا

آمريڪي شهر فلاڊيلفيا ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ فائرنگ جو هڪ ٻيو واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا آهن.آمريڪي ميڊيا موجب پينسلوانيا جي شهر فلاڊيلفيا ۾ هڪ شخص انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 ٻار زخمي ٿي پيا.پوليس موجب جوابدار وٽان هڪ اي آر رائفل، هڪ هينڊ گن ۽ هڪ بلٽ پروف جيڪٽ هٿ ڪئي وئي آهي، جيڪٽ مان ڪيترائي ميگزين ۽ اسڪينر پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي ۽ فوري طور تي جوابدارن جي اهڙي ڪارروائي جا سبب سامهون نه اچي سگهيا آهن.آمريڪي ميڊيا موجب فوت ٿيندڙ 3 ڄڻن جي عمر 20 کان 59 سالن جي وچ ۾ آهي، جڏهن ته هڪ شخص جي عمر هن وقت معلوم ناهي ٿي سگهي.رپورٽ موجب آمريڪا ۾ هلندڙ سال هن وقت تائين 339 اجتماعي فائرنگ جا واقعا ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو