آمريڪا 4 مهينن ۾ ٻيهر ڊفالٽ ٿيڻ جا امڪان

آمريڪا 4 مهينن ۾ ٻيهر ڊفالٽ ٿيڻ جا امڪان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)هلندڙ سال جي پهرين 4 مهينن ۾ آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ڊفالٽ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ آمريڪا وڌيڪ 726 ارب ڊالر قرض وٺڻ جو ارادو رکي ٿو.پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر جو بائيڊن حڪمت عملي لاءِ 9 مئي تي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ ڪانگريس جا ميمبر شرڪت ڪندا.رپورٽن مطابق اجلاس ۾ قرضن جي حد بندي تي غور ڪيو ويندو.آمريڪي خزاني واري سيڪريٽري جينٽ ييلن هڪ ڀيرو ٻيهر خبردار ڪيو آهي ته آمريڪا جي ڊفالٽ جو خطرو اڃا به موجود آهي.جينٽ ييلن موجب آمريڪا هڪ مهيني اندر ڊفالٽ ڪري سگهي ٿو، 31.4 ٽريلين ڊالر جي قرض جي حد تي فوري قدم کنيا وڃن.پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ناڻي واري وزير ڪانگريس کي به جلد قانون پاس ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو